تصوف جي چير ڦاڙ

تصوف جي چير ڦاڙ

تصوف جي چير ڦاڙ

تصوف جي چير ڦاڙ (ڪتاب ):مشهور ڪهاڻيڪار نجم عباسيءَ جو هي ڪتاب، تصوف جي باري ۾ موجود جاهلانه تصورن جي سائنسي ۽ عقلي دليلن وسيلي ڇنڊ ڇاڻ ۽ پرک تي مشتمل مضمونن تي آڌاريل آهي. ڪتاب جو انتساب ليکڪ پاران گل محمد جکراڻيءَ جي نالي ڪيل آهي. نجم عباسيءَ جا تصوف جي موضوع سان لاڳاپيل 12 مضمون هن ڪتاب ۾ شامل آهن. ڊيمي سائيز جو ڪچي جلد سان هي ڪتاب، سنڌي ساهت گهر حيدرآباد 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. 134 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 50 رپيا آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو